علي اظهار

علي اظهار

علي اظهار

علي اظهار: ناليواري اديب، شاعر، ترجمي نگار ۽ صحافي علي اظهار جو پورو نالو علي محمد ولد ڌڻي بخش سومرو آهي. سندس جنم 7 جنوري 1971ع تي ڀريا سٽي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڀريا سٽيءَ مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀريا سٽيءَ مان، انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري مان ۽ ايم. ايس. سي (ايگريڪلچر) زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام مان 1998ع ۾ ڪيائين. ان کان سواءِ هن صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه مان صوفي ازم ۾ ڊپلوما به ڪئي آهي. هن عملي زندگيءَ جي شروعات 2003ع ۾ ايگريڪلچر آفيسر جي حيثيت ۾ ڪئي. هن وقت زرعي توسيع کاتي ڄام شوري ۾ ايگريڪلچر آفيسر طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
هن لکڻ جي شروعات 1987ع ڌاري ڪئي. سندس لکڻيون ادبي رسالن توڙي اخبارن ۾ ڇپجنديون رهيون. علي اظهار، سنڌي ادبي سنگت جي خان جلباڻي'>دريا خان جلباڻي، ٽنڊي ڄام ۽ حيدرآباد شاخن سان سلهاڙيل رهيو. علي اظهار زرعي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دوران، 1995ع ڌاري ماهوار رسالي ‘هزار داستان’ جو ايڊيٽر رهيو. 1999ع ۾ ڪجهه عرصي لاءِ عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي ايڊمنسٽريٽوِ آفيسر طور ڪم ڪيائين. ان کانپوءِ روزاني ‘سچ’ اخبار جي ڪرائيم رپورٽر ۽ ماهوار ايم. ڪي هيلٿ مئگزين جي 2006ع ۾ هڪ سال لاءِ ايڊيٽر رهڻ کان سواءِ عبرت مئگزين ۽ هلچل اخبار ۾ به ڪم ڪيائين.
علي اظهار غزل، پابند نظم ۽ نثري نظم جو پختو شاعر آهي. سندس هڪ نظم صادق فقير جي آواز ۾ ‘نه هاڻي جام آڇيو، اسان پيئڻ ڇڏي ڏنو’ بيحد مقبول ٿيو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1) اُڃايل آبشار (شاعري: 1995ع)، (2) دنيا جون بدنام عورتون (ترجمو)، (3) فحاشيءَ جي تاريخ (ترجمو)، (4) سونو سج ڪبير (ترجمو)، (5) اسٽور روم (شاعري: نثري نظم)، (6) توهان کٽي سگهو ٿا (شِو کيڙا جي ڪتاب جو ترجمو)،
(7) الڪيمسٽ (ناول: ترجمو)، (8) مٽيءَ جو آسمان (شاعري) ۽ (9) قيد (ناول: ترجمو) شامل آهن. هن وقت حيدرآباد ۾ رهي ٿو.


لفظ علي اظهارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.01.07  عيسوي

ناليواري اديب، شاعر، ترجمي نگار ۽ صحافي علي اظهار جو پورو نالو علي محمد ولد ڌڻي بخش سومرو آهي. سندس جنم 7 جنوري 1971ع تي ڀريا سٽي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالرئوف عروج
عـزيـز ڪـنگـراڻـي
شاهه بليغ الدين
ڪيرت ٻاٻاڻي
سليم سولنگي
امر لعل هنڱوراڻي
ڌڻي بخش مگسي
رسول بخش ٻگھيو گچيرائي
شوڪت حسين شورو
وينا شرنگي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون